Languages: Urdu , Arabi, English
UrduUrduArabicPoetryBooks
نج ديني علم و عمل ۽ خالص اسلامي فڪر جي ترجمان سنڌي ويب سائيٽ
مضمون
ڏهه هزار ڪتاب مفت ۾ حاصل ڪيو وڌيڪ معلومات لاءِ رابطو ڪيو 03003602485

Dilbarsain

اڄ عاشق روئندو رات سڄي، جنهن ڪالهه پرينءَ جو پارُ ڏٺو،
سو جان ڪندو قربان کِلي، جنهن يار ڏٺو دلدار ڏٺو.

1. لک طعنن جا جي تير هلن، جي خواري ملامت ماڻهو کِلن،
جي طلب اندر تعذير ملن، نا مُڙندو جنهن مهندار ڏٺو.

2. هي عشق عجب اسرار آهي، ڪندو نانگو ۽ نروار آهي،
ڄڻ ڪنڌ ڪلهن تي بار آهي، سو گهوريندو جنهن يار ڏٺو.

3. هَٽُ ڪانئر تنهنجو ڪم
ّ ُ نه آ، ڇا سَهندين تو ۾ دمّ نه آ،
تو ڄاتو ڄماندر ڄم
ّ ُ نه آ، تو ناهي هي سنسار ڏٺو.

4. جنهن پيچ پرت جو پاتو آ، جنهن نينهن جو نا
تو لاتو آ،
سو دمدم دل ۾ آتو  آ، جنهن سونهن ڀريو سردار ڏٺو.

تون ”ڪرم الله“ نا ڪاهل ٿي، هن درد وارن ۾ داخل ٿي،
تون شوق وارن ۾ شامل ٿي، جن مُحب مٺو منٺار ڏٺو.

ذوالحج

عيدالضحيٰ

چل مدينه

سال جي پڄاڻي

فضائل ذوالحج

قرباني

حج ۽ عمرو

تقريرون

اهم خبرون

حق دلبر سائين

دعوت سالانا عرس مبارڪ

سالانا ٻه روزه عرس مبارڪ حضرت قدوة اولياءِ محمد الاهي بخش المعروف محبوب الاهي جو عرس 23 ربيع الاول جي شام 24 ربيع الاول جي رات دربار فضل آباد شريف ماتلي ۾ ملهايو پيو وڃي تمام مهربان دوستن ۽ عاشقان رسول ۽ عاشقان صحابه کي دعوت محبت عرض رکجي ٿي ته شريڪ ٿي ثواب دارين حاصل ڪندا

دعوت محبت

هر اسلامي مهيني جي 23 جي شام 24 جي رات دربار فضل آباد شريف ماتلي ۾

هر اسلامي مهيني جي 11 جي شام 12 جي رات دربار ڪرم پور شريف دادو ۾

هر اسلامي مهيني جو ٻيون آچر دربار دلبر آباد شريف مورو ۾

هر اسلامي مهيني جو ٽيون آچر دربار جامعيه مدينة العلم صالح آباد لڳ دنبا ڳوٺ ڪراچي ۾

 

Copyright Notice All contents © 2009-2022 Peerdilber.com. Site Designed By - Al-Karam Internet Network Darbar Fazulabad Sharif, Matli